مورو ۾ ٻه ڏينهن اڳ باهه سبب زخمي ٿيل ٻارڙو فوت

news

مورو: سومر 25 نومبر 2019ع،ٻہ ڏينھن اڳ مورو شھر جي دادو روڊ تي ملڪ ڪالوني جي رھواسي شھزاد وسطڙو جو معصوم نينگر شھداب راند دوران باھ لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيندڙ نينگر اسپتال م زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو.

جنھن جو لاش ايڌي ايمبولنس ذريعي مورو آندو ويو جتان نوشھروفيروز ڀرسان ڳوٺ مچر نيو ويو جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن تہ تڏو پڻ مچر م وڇايو ويو آھي.

ياد رھي تہ نينگر جو باھ سبب نينگر جو جسم 80% سيڪڙو سڙي ويو ھو جنھن کي نازڪ حالت م حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو جتي اڄ فوت ٿي ويو.