ڊي آءِ خان ۾ ٽريفڪ جي خوفناڪ حادثي ۾ اٺ ڄڻا فوت، ويهه زخمي

news

ڊي آءِ خان: ڊي آءِ خان ۾ ٽريفڪ جي خوفناڪ حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. حادثو مسافر بس جي ٽرڪ سان ٽڪر سبب پيش آيو.

رپورٽ موجب ڊي آءِ خان ۾ ڪهري جي جڳهه تي مسافر بس ٽرڪ سان ٽڪرائڻ سبب 8 مسافر فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا اهن. مسافر بس مردان وڃي رهي هئي. حادثي کان فوري بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويو. جڏهن ته فوت ٿيندڙن ۽ زخمين ۾ عورتون به شامل آهن.