ميرپور خاص ۾عدالت پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ۽ هڪ لک ڏنڊ

news

ميرپورخاص: اڱارو 26 نومبر 2019ع، ماڊل ڪورٽ پاران قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ جوابدار کي عمر قيد جي سزا ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ، هڪ ڄڻو بري، جوابدار هيرو ڪولهي پنهنجي زال وشني کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو،

سندس ڀاءِ جڳو ڪولهي بري، جهڏو ٿاڻي جي حد ۾ 2017 ۾ جوابدار هيرو ڪولهي گهرو اڻبڻت تان پنهنجي زال وشني ڪولهڻ کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو،

جنهن جي قتل جو ڪيس سندس مڙس هيرو ڪولهي ۽ ڏير جڳو ڪولهي تي جهڏي ٿاڻي تي داخل ٿيل هو، جنهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪالهه ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت ۾ ٿي،

جتي زال کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت پاران هيرو ڪولهي کي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويئي،

جڏهن تي ساڳئي ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل جوابدار جي ڀاءُ جڳو ڪولهي کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو، جڏهن ته جوابدار هيرو ڪولهي ٽن سالن کان حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ قيد هو.