نريش قتل ڪيس سيشن ڪورٽ ميرپورخاص کان ماڊل ڪورٽ ميرپورخاص منتقل، ٻڌڻي سترانهن ڊسمبر تي ٿيندي

news

ميرپورخاص: اڱارو 26 نومبر 2019ع،  نريش قتل ڪيس سيشن ڪورٽ کان ماڊل ڪورٽ منتقل، جوابدار انيتا کي حيدرآباد پوليس ماڊل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، ٻڌڻي 17 ڊسمبر تي رکي ويئي،

چار مهينا اڳ ميرپورخاص ويجهو ڳوٺ ڏاهيو ڪولهي ۾ 8 سالن جي نريش ڪولهي کي ڏاٽي جا وار ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي الزام هيٺ سندس ڀاڄائي انيتا ڪولهڻ کي گرفتار ڪيو ويو هو،

جيڪو ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ هلندڙ هو، جڏهن ته سيشن ڪورٽ ڪيس ماڊل ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو هو، جتي ڪالهه حيدرآباد جي پوليس انيتا ڪولهڻ کي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پيش ڪيو،

جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي 17 ڊسمبر تي رکي ويئي آهي.