سڪرنڊ ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو

news

سڪرنڊ: اڱارو 26 نومبر 2019ع، سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ ٽن يوسين يو سي دليل ديرو ، يو سي ماروي ۽ يو سي مجيد ڪيريو جي سوين آبادگارن سڪرنڊ شاخ کي پڪو ڪرڻ واري ترقياتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال ، شهر جي گندي پاڻيءَ جو شاخ ۾ نيڪال . شاخ جي ٻنهي پاسن کان قبضي ۽ غير قانوني پُلين سبب پاڻيءَ جي وهڪري ۾ رڪاوٽ خلاف سڪرنڊ شاخ تي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي سيد زين شاھ ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڪرنڊ شاخ تي قبضه مافيه پاران غير قانوني پليون جوڙڻ کان پوءِ پاڻيءَ جي وهڪري ۾ گهٽتائي اچڻ ڪري مٿين ٽنهي يوسين جي لڳ ڀڳ 5 هزار ايڪڙ زمين آباد نه ٿي رهي آهي.

جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي هن چيو ته لاڳاپيل انتظاميه جي نا اهلي سبب شهر جي گندگي ۽ گٽر جو پاڻي شاخ ۾ نيڪال ڪرڻ سبب ماڻھن توڙي مال ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن.

جڏھن ته پاڻي گندو هئڻ ڪري فصل پڻ پوک بعد ليبارٽري رپورٽ موجب استعمال جوڳو نٿو رهي جڏھن ته سپريم ڪورٽ جو قانون پاس ٿيل آهي ته گٽر جو پاڻي شاخن ۾ نيڪال نٿو ڪري سگهجي.