دبئي پهرين پاڪستان انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊ جي ميزباني لاءِ تيار ٿي ويو

news

دبئي: (اربع 27 نومبر 2019ع) پاڪستان جو پهريون انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊ دبئي ۾ منعقد ٿيندو. جنهن ۾ ماهره خان، صبا قمر ۽ فواد خان سميت ڪيترائي فلمي اداڪار شرڪت ڪندا.

گلف نيوز  موجب دبئي پاڪستان جي پهرين انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊ جي ميزباني جي لاءِ تيار آهي. ايوارڊ جو اعلان تازو ئي دبئي سان تعلق رکندڙ ايوارڊ تقريب جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر فيصل خان  ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي ڪابه کوٽ ناهي جنهن کي عالمي پليٽ فارم تي ڏيکارڻ گهرجي.

فيصل خان وڌيڪ چيو ته تقريب جي دوران اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي ايوارڊ سان نوازيو ويندو.

ايوارڊ جي تقريب ۾ ماهره خان، فواد خان، صبا قمر، عائشه عمر، اشنا شاهه، حريم فاروق، ثروت گيلاني، عمران عباس، شهريار منور، جاويد شيخ، عمر جيسوال، جنيد خان، ساره لورين، ولاگر مورو، اسٽرينگز، فرحان سعيد، عروه ۽ ماوره حسين سميت  ڪيترن ئي فلمي اداڪارن جي شرڪت جو امڪان آهي.

رپورٽ موجب اداڪاره مهوش حيات شوٽنگ سبب ايوارڊ جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪندي. ايوارڊ تقريب ايندڙ سال 7 فيبروري تي منعقد ڪئي ويندي.