اداڪاره ڪبريٰ خان شوبز انڊسٽري کي ڇڏڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

news

ڪراچي: (اربع 27 نومبر 2019ع) اداڪاره ڪبريٰ خان شوبز ڇڏڻ بابت خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته في الحال ڪجهه سالن تائين انڊسٽري ناهيان ڇڏي رهي. جڏهن مون کي محسوس ٿيو ته مان پنهنجي سوچ موجب ڪم ناهيان ڪري رهي ته مان پاڻ ئي پنهنجا رستا بدلائي ڇڏيندس.

گليڪسي لالي ووڊ نالي ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي ڪبريٰ خان چيو ته منهنجي جاري ڪيل انٽرويو ۾ منهنجي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو مان اڄ به پنهنجي فن سان محبت ڪريان ٿي ۽ مان جيڪو ڪم اڄ تائين ڪيو آهي ان مان مطئن آهيان جيڪڏهن مان پنهنجي ڪم مان مطمئن نه ٿيس ته پوءِ هي انڊسٽري ڇڏي ڏيندس. ڪبريٰ خان شوبز انڊسٽري ڇڏيڻ جي خبرن جي واضح لفظن ۾ ترديد ڪندي چيو آهي ته في الحال ڪجهه سالن تائين هي انڊسٽري نه ڇڏيندس جيڪڏهن مون کي محسوس ٿيو ته مان پنهنجي سوچ موجب ڪم ناهيان ڪري رهي ته پوءِ مان پنهنجا رستا جدا ڪري ڇڏيندس.

مشهور ڊرامي الف جي اداڪاره اهو به چيو ته مان ڪا مذهبي اسڪالر ناهيان پر مان ته اهڙي شخص جيان آهيان جنهن کي زندگي گذارڻ جي صحيح طريقي جي ڳولا آهي ۽ مان پوري زندگي اها ڪوشش جاري رکندس مان چاهيان ٿي ته ان رستن تي هلان جتي الله مون سان راضي هجي ۽ ان رستي کان پاسو ڪريان جتي الله پاڪ جي ناراضگي کي منهن ڏيڻو پوي.