مورو ۾ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي مناسبت سان تقريب منعقد

news

مورو: اربع 27 نومبر 2019ع، سنڌي ميڊيا پاران "ھڪ سنڌ، ھڪ ثقافت" جي عنوان تي ثقافت ڏھاڙو ملھائڻ واري اعلان کانپوءِ مورو م ڀرپور موٽ تقريبون جاري آھن ان سلسلي م گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول مورو م "ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت" جي عنوان سان ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي.

جنھن م ايجوڪيشن کاتي جي ضلعي آفيسر رياض احمد اُڄڻ، بيورو چيف سنڌ ٽي وي نيوز شھيد بينظير آباد ذوالفقار علي خاصخيلي، ضلعي رپورٽر راڻا شير محمد، عمران ساگر ميمڻ، استاد محمد حسين لاشاري، رزاق مستوئي، وحيد رزاق مستوئي، اسڪول ٽيچرس، والدين شاگردياڻين ء ٻين وڏي انگ م شرڪت ڪئي،

ان موقعي تي اسڪول ٽيچرس شمائلا عمران ميمڻ، ڪوثر ميمڻ، قمرالنساءَ ڪورائي، زيب النساءَ آرائين، نجمہ آرائين، فوزيہ سومرو، خيرالنساءَ ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ اسان سنڌ ھڪ آھي جنھن جي ثقافت ھزارين سال پراڻي آھي جنھن جي رھڻي ڪھڻي تھذيب پڻ نرالي آھي.

ھنن چيو تہ اسان پنھنجي ثقافتي ڏھاڙن کي وڏي خوشي جوش جذبي سان ملھائيندا آھيون ڇاڪاڻ تہ اسان پنھنجي ثقافت سان پيار ڪيون ٿا ھنن چيو تہ اسان پنھنجي تعليم سان گڏوگڏ شاگردياڻين کي پنھنجي سنڌ ء ثقافت بابت ڄاڻ ڏيندا آھيون تہ جيئن اھي دنيا جي ٻين ملڪن م پنھنجي سڃاڻپ سنڌ جي ثقافت سان ڪرائين.

ان کان اڳ اسڪول جي شاگردياڻين ڪرن، صوبيہ، فريال، عليزہ ء ٻين گروپ جي صورت م سنڌي گيتن تي جھمريون ھنيون، جڏھن تہ بتول، دعا، صبا، ريحانہ ء ٻين ھڪ سنڌ ء ھڪ ثقافت جي عنوان تي تقريرون ڪيون.

ھن ثقافتي پروگرام م سميرا ڍلو، عائشہ ڍلو، صاحبہ، ليلا اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا. ان موقعي تي آيل مھمانن کي رزاق مستوئي ء اسڪول پارام سنڌ جي ثقافت اجرڪ پڻ پارايا ويا.