مبارڪپور ۾ ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي حوالي سان تقريب منعقد

news

مبارڪپور: اربع 27 نومبر 2019ع، پريس ڪلب مبارڪپور پاران ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي حوالي سان هڪ شاندار تقريب منعقد، سنڌ جي نقشي کي گلن جي ڀيٽا، سياسي، سماجي اڳواڻن، سگھڙن، شاعرن، صحافين، سميت فنڪارن جي شرڪت، سنڌ جي حوالي سان شاعري ڪئي وئي، فنڪارن پاران چيل سنڌي گيتن تي نوجوانن جون جهمريون، مبارڪپور ۾ پريس ڪلب مبارڪپور جي صحافين جي ميزباني ھيٺ ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي سري ھيٺ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي،

جنھن جا مھمان خاص سياسي شخصيت سردار غلام مصطفي خان ٽانوري، سلات جو مرڪزي صدر گل حسن گل ملڪ، گسٽا تعلقه ٺل جو نائب صدر استاد محمد يوسف ڀٽو، سياسي شخصيت بابو پنهل خان پهوڙ، سماجي اڳواڻ ۽ مبارڪپور جو ايڌي ڊاڪٽر صفي الله ڀٽو، مھراڻ علمي ادبي فورم جي چيئرمين اقبال عادل مھر ھئا، تقريب ۾ سگھڙن سنڌي ثقافت ۽ سنڌڙي تي شاعري ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي،

تقريب ۾ سنڌ جي نقشي کي گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي،ان کان بعد مھمانن پنھنجي خطاب چيو تہ ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪو سنڌ جي سڃاڻپ آھي،

سنڌ جي ثقافت اجاگر ڪرڻ تي اسين سنڌي ميڊيا کي سلام پيش ڪيون ٿا، جنھن هر سال ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي اعلان تي اسان سميت سنڌ واسي اهو ڏينهن عيد جيان ملهائندا آهيون،اسان کي ثقافتي ڏھاڙي ملھائڻ تي فخر آهي،

ھنن سنڌ ڌرتي جي خدمت ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو وچن ڪيو، هوڏانهن فنڪارن پاران چيل قومي گيتن تي شهرين خاص ڪري نوجوانن جهمريون پاتيون، تقريب ۾ سگھڙن پنھل پياسي ٻرڙو، وزير چاچڙ، سلمان ڀٽي سميت پريس ڪلب ميان صاحب جي صحافين اقبال ساجد، نياز سومرو، عزيز شيخ،زبير شيخ جونگل پريس ڪلب جي صحافين عبدالقادر پهوڙ، جاويد سميجو، راشد ميراڻي،پريس ڪلب مبارڪپور جي صحافين مير رکيل ٻرڙو، مهر قربان، عبدالحليم، ڪليم الله، محمود ڀٽو، بهادر ڀٽو، مشتاق کوسو، وحيد کوسو، حافظ عثمان سميت سگهڙن، شاعرن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.