پشاور ۾ آئس نشي جي عادي شخص ماءُ ۽ زال کي قتل ڪري ڇڏيو

news

پشاور: (خميس 28 نومبر 2019ع)  پشاور ۾ آئس نشو استعمال ڪندڙ جنوني شخص فائرنگ ڪري ماءُ ۽ زال کي قتل، جڏهن ته ڌيءَ پيءُ ۽ ڀيڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب عزت خان  جيڪو پيشي جي لحاظ سان مستري آهي ۽ بدقسمتي سان آئس نشي جو عادي آهي ان اڻڄاڻ سبب جي ڪري پنهنجي زال، پيءُ، والده، ڀيڻ ۽ هڪ ڌيءَ کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪيو جن مان ماءُ ۽ زال زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويون جڏهن ته ڌيءَ، پيءُ ۽ هڪ ڀيڻ سخت زخمي ٿي پيا. 

زخمين کي شروعاتي طبي امدادي جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻنهي  عورتن جي لاشن کي پوليس تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي. جوابدار پوليس جي اچڻ جي اطلاع ملندي ئي گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي  ٻن ٻارن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. پر پوليس جي ٽيم بهترين حڪمت عملي سان ٻنهي ٻارن کي جوابدارن جي قبضي مان آزاد ڪري جوابدار کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو.