بلوچستان ۾ ڪڻڪ جي کوٽ سبب : اٽي جي قيمتن ۾ واڌ

news

ڪوئٽه: (خميس 28 نومبر 2019ع) بلوچستان ۾ ڪڻڪ جي کوٽ سبب اٽي جي قيمت ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. ان سبب 100 ڪلو اٽي جي ٻوري جي قيمت 5 هزار 300 تائين پهچي وئي آهي.

مارڪيٽ ذريعن موجب بلوچستان ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ۽  اٽي جي چڪين کي رعايتي قيمتن تي ڪڻڪ نه ملڻ سبب اٽي جي قيمتن ۾ روزاني اضافو ٿي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن مهينن دوران چار ڀيرا قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ في ڪلو اٽي جي قيمت 53 روپين تائين پهچي وئي آهي جنهن شهرين کي پريشان  ڪري ڇڏيو آهي شهر جي هوٽلن وارن به ماني جو وزن گهٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ 300 گرام اٽي جي ماني 20 روپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي.

ان سلسلي ۾ بلوچستان جي سيڪريٽري خوراڪ محبوب شاهواڻي جو چوڻ آهي ته هن سال مارچ ۾ ڪڻڪ جي خريداري نه هجڻ سبب اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ٻئي طرف خوراڪ کاتي ڪڻڪ جي 5 لک ٻورين جي خريداري جي لاءِ سمري بلوچستان جي وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

سمري جي منظوري کان پوءِ پاسڪو مان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ اٽي جي قيمت ۾ گهٽتائي ايندي.

ياد رهي ته بلوچستان جي وڏي وزير ڪڻڪ جي وقت تي خريداري نه ٿيڻ تي اڳوڻي خوراڪ جي سيڪريٽري اصغر حريفال ۽ ان وقت جي ڊي جي محمد طارق کي معطل ڪري چڪو آهي.