ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ جا رستا بند ڪيا ويا ته گوڙ شروع ٿي ويو: شبر زيدي

news

ڪراچي: (خميس 28 نومبر 2019ع) ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته حڪومت ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جا رستا بند ڪيا ته سڄي ملڪ ۾ گوڙ شروع ٿي ويو.

شبر زيدي چيو آهي ته پراپرٽي ويليو ايشن وڌائڻ سان عام ماڻهو کي فائدو ٿيو پر ڪارو ناڻو رکندڙن جي لاءِ پريشانيون وڌي ويون. پنج وڏيون برآمدي صنعتن کي اڃان به سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ حاصل ناهي.

ان جي مقامي وڪرو کي ٽيڪس جي دائري ۾ آندو ويو ته واويلا شروع ٿي وئي. پنجاهه هزار روپين جي خريداري تي سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط ملتوي ناهي ڪئي پر عارضي طور تي ڪارروايون روڪيون ويون آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ زراعت، ، هول سيل ۽ رٽيلر سيڪٽر کان ٽيڪس ناهي ملي رهيو.

مينوفيڪچرنگ جو شعبو ٽيڪسن جو وزن کڻي رهيو آهي. عوام ۽ ايف بي آر وچ ۾ اعتماد جي کوٽ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ايف بي آر کي ٽيڪنالوجي ۽ آٽوميشن جي ذريعي  بهتر بنايو پيو وڃي. چيئرمين ايف بي آر چيو ته حڪومت تي ڪيل اعتراض غلط آهن.

اسان مالياتي نظام ۾ ڪافي تبديليون ڪيون آهن. وفاقي بجيٽ جي ذريعي صرف ٻه بنيادي ڪم ڪيا. پنج وڏين برآمدي صنعتن جي مقامي وڪرو کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ ايس آر او 1125 تي نظرثاني ڪئي وئي. ان قدم پاڪستان ۾ ڪاروبار جي شڪل تبديل ڪري ڇڏي اهڙي طرح پنجاهه هزار روپين جي خريداري تي سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط لاڳو ڪئي وئي.