مشهور اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي شوٽنگ دوران زخمي

news

ڪراچي: (خميس 28 نومبر 2019ع) مشهور اداڪار فيصل قريشي شوٽنگ دوران سخت زخمي ٿي پيو آهي جڏهن ته سندس زخمي ٿيڻ جي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي. بشرمومن، ميري ذات ذره بي نشان سميت ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ پاڪستان جي مشهور اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي تازو ئي هڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو.

فيصل قريشي جي شوٽنگ دوران زخمي ٿيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ سين جي دوران فيصل قريشي کي ٽارگيٽ ڪلرز گوليون هڻي هليا ويندا آهن ۽ فيصل قريشي اتي ئي ڪري پوي ٿو. شوٽنگ جي دوران نقلي گوليون استعمال ڪيون وينديون آهن جنهن سان اداڪارن کي ڪوبه نقصان ناهي پهچندو پر فيصل قريشي ان گولين سبب زخمي ٿي پيو.

اداڪار فيصل قريشي جي هڪ تصوير به سوشل ميڊيا تي هلي رهي آهي جنهن ۾ ان جو زخم واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو. پر سخت زخمي هجڻ جي باوجود فيصل قريشي  شروعاتي علاج کان پوءِ واپس سيٽ تي پهتو ۽ ٻيهر شوٽنگ جي شروعات ڪئي.

فيصل قريشي جا مداح سوشل ميڊيا تي پريشاني جو اظهار ڪندي ان جي جلد صحتيابي جي دعا ڪري رهيا آهن.