هالي ووڊ جو اداڪار ريئلٽي شو جي شوٽنگ دوران فوت

news

لاهور: (خميس 28 نومبر 2019ع) تائيوان جي ڄائي هالي ووڊ اداڪار ۽ ماڊل گوڊ في گائو ريئلٽي شو جي شوٽنگ دوران فوت ٿي ويو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب 35 ساله اداڪار گوڊ فري گائو هڪ چائنيز ريئلٽي شو(چيزمي) ۾ بطور مهمان شرڪت ڪئي هئي. ان شو ۾ ٽيمون ريس کٽڻ جي لاءِ مقابلو ڪنديون آهن. ريئلٽي شو(چيزمي) جي پروڊيوسر موجب گوڊ فري پنهنجي ٽيم سان گڏ ريس کٽڻ جي لاءِ ڊوڙي رهيو هو ته اوچتو ڪري پيو. سيٽ تي موجود پروگرام جي پيراميڊڪ ٽيم کيس فوري طور تي طبي امداد ڏني ۽ کيس اسپتال پهچايو ويو پر هو اسپتال ۾ 2 ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوءِ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

واضح رهي ته گوڊ فري گائو تائيوان ۾ پيدا ٿيو پر 1995ع ۾ ان جي فيملي ڪينيڊا منتقل ٿي وئي هئي. گوڊ فري ٽن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو هو. هن هالي ووڊ ايڪشن فلم(دي مورٽل انسٽرومنٽس: سٽي آف بونز) ۾ ڪم ڪري پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي.

ان کان علاوه هو پهريون ايشين ماڊل هو جنهن 2011 ۾ لگزري برانڊ لوئس وٽنز جي اشتهاري مهم جي لاءِ ماڊلنگ ڪئي. گوڊ فري چين ۾ به تمام گهڻو مشهور هو هن چيني ٽي وي ڊرامي(ري ممبرنگ لي ڪوان) ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا.