سڪرنڊ ۾ آبادگارن جو سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ ٽيئن ڏينهن به احتجاج

news

سڪرنڊ : خميس 28 نومبر 2019ع، شهباز شاخ سڪرنڊ جي لائيننگ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل ۽ پوري ماپ تحت ڪم نه ڪرائڻ خلاف سوين آبادگارن جو سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ لاڳيتو ٽين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري.

ايريگيشن توڙي ضلعي انتظاميه سکڻا وعده ۽ دلاسا، آبادگارن پاران سکڻن دلاسن کي مڃڻ کان انڪار عملي ڪم شروع ڪرڻ تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. آبادگارن جو سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻي واري ڪئمپ تي اجلاس ٿي گذريو.

اجلاس بعد سيد زين شاهه ۽ آبادگارن پاران پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ويو ته اسان جا جائز مطالبا آهن جيڪڏهن نه مڃيا ويا ته 3 ڊسمبر تي اڱاري ڏينهن سڪرنڊ بائي پاس تي هزارين آبادگارن پاران روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. سيد زين شا ه چيو ته اسان جي نسلن سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي اسان جي زمينن کي غير آباد ڪرڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته بااثرن پاران سڪرنڊ شاخ جي ڪنارن تي قبضا ڪيا ويا آهن. شاخ ۾ سڪرنڊ شهر جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب پنه هزار کان وڌيڪ شاخ جي پاڻي واپرائڻ کان محروم ٿي ويا آهن جڏهن ته هينئر پاڻي زمينن جي آباد ڪرڻ لاءِ لائق به نه رهيو آهي.

جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ته فوري طور شاخن مان گندي پاڻي جا نيڪال ڪڍي انهن جا متبادل حل ڪڍيا وڃن سيد زين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ کي فنڊ جاري ڪري ته جيئن مسئلا حل ٿي سگهن. هن چيو ته چند ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ ڌرتي ۽ قوم کي تباهه ڪيو پيو وڃي.

جيڪو عمل آبادگارن سان سنڌ واسي به اهڙي عمل جي سخت مخالفت ڪندا. سيد زين شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي انتظاميه کي چتاءَ ڏيندي چيو ته اسان جا مطالبا جائز آهن مڃيا وڃن ٻي صورت ۾ 3 ڊسمبر اڱاري ڏينهن هزارين آبادگارن سان گڏ سنڌ واسي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪندا.

ان موقعي تي ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش آيو ته ان جا ذميوار ضلعي انتظاميه هوندي. ان موقعي تي فلڪ شير اوڏ ، حاڪم علي ڪيريو ، راجا ارشاد ڪيريو ، چوهاڻ اتحاد جي غلام نبي چوهاڻ ، وريام پاهي ،انڊس اڳواڻ نثار ڪيريو ، ليکڪ غلام حسين جوڻو ، غلام مصطفيٰ ڪيريو ۽ ٻيا موجود هئا.

جڏهن ته مختلف تنظيمن جا اڳواڻ ۽ شهري احتجاجي ڪئمپ تي پهچي آبادگارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا رهيا.