ترڪ پرڏيهي وزير جو فرانس جي صدر مٿان دهشتگردن جي مدد ڪرڻ جو الزام

news

استنبول: (جمعو 29 نومبر 2019ع) ترڪ پرڏيهي وزير ميونت چووشولو فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون تي دهشتگردن جي مدد ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب فرانسيسي صدر گذريل مهيني پيرس ۾ ايس ڊي ايف جي ترجمان سان ڳالهيون ڪيون هيون. جنهن تي ترڪي ناراضگي جو اظهار ڪيو هو ڇو ته ترڪي ايس ڊي ايف کي ڪردش مليشياوائي پي جي جو حصو سمجهي ٿو ۽ ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ٿو.

ترڪ پرڏيهي وزير ميونت چووشولو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فرانس جو صدر پهريان ئي دهشتگرد تنظيم کي اسپانسر ڪري رهيو آهي ۽ مستقل بنيادن تي ان جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ مستقل بنيادن تي ان جي ميزباني ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هو دهشتگردن کي پنهنجو اتحادي مڃي ٿو ته ان باري ۾ آئون ڪجهه نٿو چئي سگهان.

ترڪ پرڏيهي وزير پارليامينٽ  ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڃان به يورپ ۾ هڪ خلا آهي ۽ فرانسيسي صدر يورپ جو اڳواڻ بنجڻ چاهي ٿو  پر اڳواڻ هميشه قدرتي طور تي بڻجندا آهن. ٻئي طرف نيٽو سمٽ سان خطاب ڪندي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو ته اتر، اولهه شام ۾ آپريشن کان پوءِ ترڪي نيٽو سان يڪجهتي جي توقع نٿو رکي سگهي.

ياد رهي ته ترڪي ۽ فرانس جا لاڳاپا ڪيترن  ئي مهينن کان ڇڪتاڻ جو شڪار آهن ۽ فرانسيسي صدر جي ايس ڊي ايف ترجمان سان ملاقات ۽ ترڪ پرڏيهي وزير جي رد عمل ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هاڻ وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.