سجل علي ۽ احد رضا جي شادي جو مداحن کي بي صبري سان انتظار

news

ڪراچي: (جمعو 29 نومبر 2019ع) پاڪستان جي مشهور اداڪاره سجل علي ۽ اداڪار احد رضا مير هلندڙ سال مداحن کي پنهنجي مڱڻي جي خبر ڏني هئي جنهن کان پوءِ ٻنهي جي شادي جو بي صبري سان انتظار ڪيو پيو وڃي.

ڊرامه سيريل(يقين جو سفر) مان مشهوري ماڻيندڙ جوڙي سجل ۽ احد رضا جي شادي بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ٻئي ايندڙ سال 2020 ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا.

مقامي ميڊيا موجب ٻئي ڄڻا امڪاني طور تي ترڪي ۾ شادي ڪندا جنهن ۾ ويجها مائٽ ۽ ڪجهه دوست به شامل ٿيندا. سجل علي ۽ احمد رضا شادي جي هڪ استقباليه تقريب پاڪستان ۾ به ڪندا جنهن ۾ هو شوبز شخصيتن سميت ٻين اهم مهمانن کي به دعوتون ڏيندا.

ياد رهي ته سجل علي ۽ احد رضا هلندڙ سال 6 جون تي سوشل ميڊيا تي پنهنجي مڱڻي جي خوشخبري ٻڌائي هئي.