گلوڪاره عيني خالد مٿان نوازشريف بابت ڪيل ٽوئٽ کان پوءِ سخت تنقيد ٿيڻ لڳي

news

ڪراچي: (جمعو 29 نومبر 2019ع) (مابيا) گيت مان شهرت حاصل ڪندڙ گلوڪاره عيني خالد کي نوازشريف جي حوالي سان ڪيل هڪ ٽوئٽ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ هلندڙ مهيني جي وچ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي علاج جي لاءِ لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏني هئي. جنهن کان پوءِ ڪرڪيٽر محمد حفيظ ۽ شيف گلزار سميت ڪيترن ئي پاڪستانين ملڪ ۾ علاج جون اڻپوريون سهولتون ۽ جيل ۾ قيد ٻين بيمار قيدين جي علاج جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي سوال اٿاريا هئا. جنهن کان پوءِ نوازشريف جي لنڊن وڃڻ وقت ايئرايمبولينس ۽ بنا وهيل  چيئر جي ڏاڪڻون چڙهڻ جون تصويرون به سوشل ميڊيا  جي بحث جو سبب رهيون.

ان کان علاوه اڳوڻي وزيراعظم جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي هلي رهي آهي. جنهن ۾ نوازشريف لنڊن جي شاپنگ  مال ۾ شاپنگ ڪندي نظر اچي رهيو آهي. گلوڪاره عيني خالد ٽوئٽر تي نوازشريف جي لنڊن شاپنگ مال جي تصوير شيئر ڪري ان تي طنز ڪندي چيو هو ته جڏهن اوهان بيماري سبب پرڏيهه ويا هجو پر شاپنگ ڪرڻ اوهان جي زندگي هجي.

ان کان پوءِ عيني خالد کي نوازشريف جي تصوير شيئر ڪرڻ ۽ ان تي تنقيد ڪرڻ مهانگو پئجي ويو. سوشل ميڊيا صارفين کيس سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته هي تصوير 3 سال پراڻي آهي. ڪيترن ئي صارفين عيني خالد کي ان جي اڻپوري ڄاڻ جي حوالي سان به تنقيد جو نشناو بنايو ۽ چيو ته هن اڳوڻي  وزيراعظم جي تصوير پبلسٽي حاصل ڪرڻ جي لاءِ شيئر ڪئي آهي.