شھدادپور ۾ نشات جماعت لنواري شريف سانگھڙ ريجن جو اجلاس ٿي گذريو

news

شھدادپور: جمعو 29 نومبر 2019ع: شھدادپور ۾ نشات جماعت لنواري شريف سانگھڙ ريجن جو  اجلاس ٿي گذريو جنھن ۾ نشات شھدادپور يونٽ جا عھديدار چونڊيا ويا.

جنھن صدر مير پير بخش ٽالپرجنرل سيڪريٽري واحد بخش ٽالپر خزانچي مير عنايت الله ٽالپر اڪثريت راء سان چونڊيا ويا جڏھن تہ نشات سانگھڙريجن جي لاء صدر مولا بخش عمراڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري شفيع محمد ڏاھري پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي چونڊيل عھديدارن چيو تہ اسان کي بنيادي سھولتن سان گڏ  تعليم ۽ صحت جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺڻ کپن ۽ پنھنجن ٻارن کي بھتر تعليم ڏيارڻ لاء اڳيان اچڻ گھرجي تعليم جي زيور سان ئي اسان ترقي ڪري سگھون ٿا.