کپرو ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ماڪڙ پهچي ويا، آبادگار ۽ هاري پريشان

news

کپرو: جمعو 29 نومبر 2019ع: کپرو ڀرپاسي مڪڙن تباهي مچائي ڇڏي، آبادگارن توڙي هارين زميندارن پاران چيٽ ۾ پوکيل فصل ڪڻڪ ،توريو گاھ ، توڙي پوکيل ڀاڄي ليمن توڙي انبن جا باغ کائي تباھ ڪري ڇڏيا آهن مڪڙن پاران ڪجھ ڏينهن ۾ آباداگارن جو ڪروڙن ۾ نقصان ڪرڻ باوجود وفاقي توڙي صوبائي حڪومت اک نـ پٽي نـ ئي ماتحت ادارن آباداگارن توڙي هارين کي تباهي کان بچائڻ لاء ڪي بـ قدم ناهن کنيا.

جڏهن تـ اڄ مڪڙن پاران تباهي ڪرڻ باوجود مڪڙن جي خاتمي لاء هوائي اسپري نـ ڪرائڻ تي سوين زميندارن، آبادگارن، هارين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مين چوڪ کپرو تي احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ کپرو تي سائل هنگورجو، وڪيل محمد علي درس ، خادم سروري، انور علي ڀنڀرو شفيع راڄڙ۽ ٻين جي اڳواڻي ٻـ ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا مظاهرين آبادگارن جي اسٽحال تي خاموش رهندڙ ادارن خاص ڪري ڊي،سي سانگھڙ خلاف سخت نعريبازي ڪئي حڪومت کان مطالبو ڪيو تـ کپرو تعلقي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري بنا دير جي مڪڙ مار هوائي اسپري ڪيو وڃي ۽ مڪڙن پاران ڪيل نقصان جو ڪاٿو لڳائي انهن جو بنا دير آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي.

نئين پوکي لاء ٻج ڀاڻ مفت ۾ ڏنا وڃن انهن چيو تـ سڀاڻي ٻيهر 11 بجي مين چوڪ کپرو تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو انهن کپرو جي واپارين سميت عوام کي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي آهي.