بدين پوليس جي منشات فروشن خلاف ڪاروائي، چار جوابدار گرفتار

news

بدين: جمعو 29 نومبر 2019ع: ايس ايس پي حسن سردار نيازي پاران ضلع ۾ سماجي براين خاص ڪري منشات خلاف سخت قانوني قدم کڻڻ جي هدايتن بعد ضلع جي 15 ٿاڻن جي حدن ۾ منشات فروشن خلاف پوليس جون ڪاروايون جاري آهن.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ٽنڊوغلام علي رياض رند دمبالو روڊ ڳوٺ علي محمد بوزدار لڳ ڪاروائي ڪري  ڊگهڙي سان واسطو رکندڙ جوابدار انور کيبر کان 7 ڪلو 30 گرام چرس سميت هٿ ڪري مٿس نارڪو ٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي .

جڏهن ايس ايڇ او تلهار لياقت پنهور شهر ڀرسان ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي 270 ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو جڏهن ته ڇاپي دوران جوابدار بشير جت ظهير نواز جت سميت 7 ڄڻا فرار ٿي ويا ٿي ويا سي آئي اي پوليس  ٽنڊو غلام علي ڀرسان ڏاهيلو ڪولهي کي 8 ليٽر ڪچي شراب سميت گرفتار ڪري مٿس ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

تلهار  پوليس وڌيڪ هڪ ڄڻي غلام مصطفيٰ ملاح کان 140 گرام چرس هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ٻي انچارج پوليس پوسٽ ٽائون بدين هڪ بدنام ڏوهاري غلام مصطفيٰ عرف مکڙي کي گرفتار ڪري هڪ غيرقانوني پسٽل ۽ ٻه گوليون هٿ ڪري مٿس آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.