گهريلو نااتفاقي تي ويڳي ڀاءُ تيزاب اڇلي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

news

ڪوئٽه: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ويڳي ڀاءُ گهريلو نااتفاقي تي پنهنجي ڀاءُ کي تيزاب اڇلي قتل ڪري ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽ موجب پشين جي علائقي حرم زئي ۾ تيزاب گردي جو واقعو گذريل رات پيش آيو جڏهن گهريلو نااتفاقي تي صالح محمد سمهڻ دوران پنهنجي ويڳي ڀاءُ دوست محمد تي تيزاب اڇلي ڇڏيو.

چهري ۽ گلي ۾ تيزاب وڃڻ سبب دوست محمد سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج جي لاءِ سول اسپتال پشين آندو ويو پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي ليويز پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪندي جوابدار صالح محمد کي گرفتار ڪري ورتو.