منشيات هٿ اچڻ وارو ڪيس: رانا ثناءُالله جي جوڊيشل رمانڊ ۾ چوڏنهن ڏينهن جي واڌ

news

لاهور: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ رانا ثناءُالله جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. منشيات جي خاتمي واري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ اڳوڻي قانون واري صوبائي وزير رانا ثناءُالله کي جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي منشيات جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس وڪيلن کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ان کان اڳ پوليس اهلڪارن ۽ وڪيلن ۾ هاٿاپائي به ٿي هئي. رانا ثناءُالله جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي عدالتي احاطي  ۾ پوليس طرفان ميگا فون جو استعمال ڪيو ويو. رانا ثناءُالله جي وڪيلن پوليس جي نامناسب رويي تي عدالت  ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.

منشيات جي خاتمي واري عدالت وڪيلن جي عدالتي ڪارروائي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي ڪيس جي ڪارروائي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.