والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو باوجود ڀارت خلاف مظاهرن جو سلسلو جاري

news

سري نگر: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) ڀارتي جبر ۽ بدترين ڪرفيو جي باوجود گذريل ڏينهن جمعي جي نماز کان پوءِ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت خلاف مظاهرا ڪيا ويا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب اهي مظاهرا سري نگر، بڊگام، گندربل، اسلام آباد، پلوامه، ڪلگام، شوپيان، بانديپوره، باره مولا، ڪپواڙه ۽ والاريل وادي جي مختلف علائقن ۾ ڪيا ويا. مظاهرين ڪشمير جي آزادي جي حق ۾ ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي.

ڀارتي فورس پنهنجي ظالماڻي روايت برقرار رکندي هٿين خالي مظاهرين جي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي مظاهرين سخت زخمي به ٿيا. قابض ڀارتي فوج هن جمعي تي به سري نگر جي تاريخي جامعه مسجد ۾ جمعي جي نماز جي اجازت نه ڏني جڏهن ته والاريل وادي جون ٻيون مرڪزي مسجدون به 5 آگسٽ کان لاڳو ٿيندڙ ڪرفيو جي مسلسل 17هين هفتي به بند رهيون.

والاريل ڪشمير جي مسلم اڪٿريتي علائقن ۾ هن وقت به معمول جي زندگي سخت متاثر آهي. فون ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ انتهائي محدود آهي. جڏهن ته روزاني جي شين ۽ دوائن جي کوٽ آهي ۽ ان علاقن ۾ بدترين انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي.