ڀارتي ايڊيٽر کي فواد خان جي ياد اچڻ لڳي

news

ڪراچي: (ڇنڇر 30 نومبر 2019ع) پاڪستان جي مشهور اداڪار فواد خان کي سالگره جي موقعي تي مشهور ڀارتي فلم فيئر ايڊيٽر جتيش پلائي پيار سان ڀريل پيغام موڪليو.

فواد خان اڄڪلهه فلمن ۽ ڊرامن ۾ ته نظر نه پيو اچي پر ان جي مداحن کي ان جي هر ڊرامي ۽ فلم جو انتظار رهندو آهي. اداڪار نه صرف لالي ووڊ ۾ مشهور آهي پر سرحد پار به کيس  ڪيترائي ماڻهو پسند ڪندا آهن ۽ کيس اسڪرين تي ڏسڻ جي انتظار ۾ آهن.

تازو ئي اداڪار جي 38هين سالگره جي موقعي تي جتي پاڪستان مان کيس ڪيترن ئي ماڻهن سالگره جي مبارڪباد ڏني اتي مشهور ڀارتي فلم فيئر ايڊيٽر به ان جي سالگره جي موقعي تي هڪ خوبصورت پيغام لکيو. فلم فيئر ايڊيٽر جتيش پلائي پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي پاڪستاني اداڪار جون ڪيتريون ئي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي فواد خان کي سالگره جي مبارڪباد  موڪلي.

جتيش پلائي فواد خان کي سالگره جي مبارڪباد ڏيندي اهو به چيو آهي ته اسان جتي به ويندا آهيون  اوهان جو هڪ حصو پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آهيون مون کي يقين آهي ته اوهان به ائين ئي ڪندا هوندو. ڀارتي فلم فيئر ايڊيٽر نه صرف پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ جي ذريعي فواد خان کي سالگره جي مبارڪباد ڏني پر هن انسٽاگرام اسٽوري تي به فواد جي پراڻي تصوير شيئر ڪندي ماضي جون يادون تازيون ڪيون ۽ کيس مبارڪباد ڏني.