نوابشاهه ۾ بسم ٽائون لڳ جي رهواسين جو پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: پهرين ڊسمبر 2019ع: بسم الله ٽائون لڳ  جي رهواسين نواب شاهه بي سيڪشن پوليس جي مبينه زيادتين خلاف احتجاج . نواب شاهه لائين پار سانگهڙ روڊ بسم الله ٽائون لڳ  جي رهواسين يار محمد ڪنڍاڻي ، منور  ڪنڍاڻي ، امين ڪنڍاڻي سميت ڪنڍاڻي برادري جي سوين ماڻهن  نواب شاهه بي سيڪشن پوليس جي مبينه زيادتين خلاف  نوابشاه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته علائقي جا بااثر پوليس سان ملي ڀڳت ڪري اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

با اثرن انهن جي  مائٽن ، پوليس ۽ انهن جي واسطيدارن مان اسان کي خطرو آهي  . بااثر ماڻهو  ڌمڪائي رهيا آهن جوابدارن جي پوليس  به ساڻن گڏ ڌر بنيل آهن.

يار محمد ڪنڍاڻي ، منور  ڪنڍاڻي ، امين ڪنڍاڻي سميت ڪنڍاڻي برادري جي سوين ماڻهن  نواب شاهه بي سيڪشن پوليس جي مبينه زيادتين خلاف  احتجاج ڪندي وڌيڪ دانهيوته نواب شاهه بي سيڪشن پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ علي بخش ڪنڍاڻي کي بيگناهه گرفتار ڪري ازيتون ڏنيون اسان کي بنا سبب ذهني ازيتون ڏنيون پيون وڃن.

اسان اعليٰ اختيارين  سنڌ ها ڪورٽ جي چيف جسٽس ، ڊسٽرڪٽ سيشن جج ، وڏي وزير ، سميت پوليس اختيارين ايس ايس پي  شهيد بينظير آباد ، ڊي ايس پي نواب شاهه سميت ٻين اختيارين کي اپيل ڪيون ثا ته  اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.وڃي ڪوبه ڪيس وغيره ڪن ته اهو ڪوڙو سمجهيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.