اورنج لائن ٽرين ڏهه ڊسمبر کان هلائڻ جو اعلان

news

اسلام آباد: گذريل ڏينهن وزيراعظم عمرا خان اورنج لائن ٽرين هلائڻ جي حتمي تاريخ جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته اها 10 ڊسمبر تي هلندي.

27 ڪلوميٽر تي ٺهندڙ اورنج لائن ٽرين جو ٻه طرفه ٽريڪ مڪمل ٿي ويو آهي. ڊيره گجران کان علي پارڪ تائين ميٽرو اورنج لائن ٽرين جا 26 اسٽيشنز آهن، جن مان 24 زمين تي ۽ 2 اسٽيشنز زمين هيٺان بڻايا ويا آهن.

مسافرن جي سهولت جي لاءِ خوبصورت ايليويٽرز ۽ ڏاڪڻن تي ماربلز لڳايا ويا آهن، جڏهن ته اسٽيشنز جي اندر آٽوميٽڪ مشين جي مدد سان مسافر ٽوڪن حاصل ڪري آساني سان ٽرين تائين پهچي سگهن ٿا.

ٽوڪن حاصل ڪري مسافر ٽرين ۾ خودڪار طريقي سان سوار ٿيندا، اسٽيشنس ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي مدد سان سڀني مسافرن جي نگراني ڪئي ويندي.

پنجاب حڪومت طرفان اورنج لائن جي ٽيسٽ جي حوالي سان ڪيترائي ڀيرا وقت ڏنو ويو پر ڪڏهن وڏي وزير وقت نه ڏنو ته ڪڏهن اجاين سببن جي ڪري نٽايو ويو.