مورو ۾ سنڌي ميڊيا پاران اعلانيل هڪ سنڌ هڪ ثقافت ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ريليون ڪڍيون ويون

news

مورو: آچر پهرين ڊسمبر 2019ع:  مورو ۾ سنڌي ميڊيا پاران اعلانيل هڪ سنڌ هڪ ثقافت ڏهاڙي جي سلسلي ۾ اڄ 01 ڊسمبر صبح سان ئي مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين نوجوانن سميت مخلتف برادرين پاران اجرڪ ٽوپين ۽ ثقافتي ويس وڳا پائي ريليون ڪڍيون.

جنهن ۾ جسقم بشير خان گروپ، جسقم آريسر گروپ، جيئي سنڌ تحريڪ، ايس يو پي، سگا مورو، سنڌ ترقي پسند پارٽي، ايس اين پي، سنڌ فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن، بزم صوفياء سنڌ، ڪورائي برادري ايسوسيئيشن، الشهباز ايريگيشن يونين روهڙي ڊويزن، ڏاهري برادري، چانڊيا برادري، ٻگهيا برادري، شمع پرائوڊ پبلڪ اسڪول، سولنگي برادري، لنڊ برادري، ميمڻ برادري، پنهور برادري، لغاري برادري، سومرا برادري، ماريه پبلڪ اسڪول مورو، قومي عوامي تحريڪ، سنڌي نوجوانن سميت ٻين تنظيمن پاران مختلف هنڌن تان قومي جهنڊا سنڌي ٽوپي، اجرڪ وڳا پائي جيئي سنڌ جا نعرا هڻندي مورو پريس ڪلب پهتا.

جتي هنن قومي گيتن تي رقص ڪري سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ گلن جي ورکا ڪئي جنهن ۾ جسقم بشير گروپ جي آصف راهوجو، امتياز کوسو، حبيب خاصخيلي، جگديش ڪمار، امين ڪلهوڙو، ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سردار ٻرڙو، جيئي سنڌ تحريڪ جي ابرار ميمڻ، پريم سنڌي، جسقم آريسر گروپ جي اشرف لغاري، ڀيرو مل، شاهنوز ڀٽي، سگا جي اسلم عباسي، وزير فرهاد سولنگي، ايس ايڇ او مورو قربان ڪلوڙ، سنڌ صحافي اتحاد جو علي اصغر ڪورائي، منصور احمد سهتو، علي اصغر بليدي، محمود اعواڻ، وفا سرمد مستوئي، علي رضا، غلام شبير سولنگي، پي ٽي آءِ جي ثناء اللہ زھري، ڏاهري ويلفيئر ايسوسيئشن جي هادي بخش ڏاهري، خان سومرو، صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو، وڪيل مير نواز ڪلهوڙو، شاھد ڀان، مسرور ڪورائي، ڪامريڊ علي شير ڏاهري، ضمير حسين ڏاهري، گلزار عالماڻي، غلام شبير ڏاهري، ڪورائي برادري جي اويس ڪورائي، آڪاش ڪورائي، خادم ڪورائي، اشفاق پنهور، مير مشتاق لنڊ، امين نديم منگي، معظم ٻگهيو، مير سهيل، سارنگ رفيق ۽ ٻيا سوين شهري مک تقريب مورو پريس ڪلب وٽ پهتا.

جتي هنن خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌي ميڊيا جي سڏ هڪ سنڌ هڪ ثقافت کي سنڌ واسين ڀرپور موٽ ڏئي سنڌ امڙ کي سرخ سلام پيش ڪيو آھي اسان سٿ کي مبارڪباد پيش ڪندي اميد ڪيون ٿا ته سنڌ جي هر ڏکئي وقت ۾ سنڌي قوم جو ساٿ ڏيندا ۽ جس لهڻي سنڌي ميڊيا جنهن سنڌي عوام ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙو ملهائي سڄاڳي پيدا ڪري ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي.

جڏهن ته ايندڙ ريلين مٿان مورو پريس ڪلب جي صحافين گلن جي ورکا ڪندي ڀليڪار ڪيو ان کان علاوہ الشھباز يونين اڳواڻ محمد عيسيٰ سنگراسي، عزيز سنگراسي، محمد حسن زرداري، محمد بخش ڪورائي ء ٻين پاران صحافين کي اجرڪ ء ٽوپي جا تحفا ڏنا جڏھن تہ آيل مهمانن کي صحافين پاران اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا۔.