ثقافتي جي موقعي تي سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ ٻين پاران موهن جي دڙي جو دورو

news

ڏوڪري :آچر پهرين ڊسمبر 2019ع: ثقافت، سياحت، اينٽي ڪئيٽي ۽ آرڪائيز کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري،ڊي جي منظور قناصرو ڊاريڪٽر ثقافت روشن قناصرو سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو.هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي دورو ڪيو ويو.

سيڪريٽري ۽ ڊي جي ثقافت اسٽوپا ۽ سائيٽ تي ڪيل ڪم جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ثقافت کاتو سنڌ جي ثقافت کي دنيا اندر مشهور ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي.سنڌي ميڊيا جي سڏ تي ثقافت ايڪتا ڏھاڙو ملهائڻ سان به هنن کي هٿي ملي ٿي.هن چيو ته کيس خوشي آهي ته سنڌي ماڻهو قومي لباس اجرڪ ۽ ٽوپ پائي قومي گيتن تي جهمريون هڻن ٿا.

هن چيو ته موهن جو دڙو جا تهذيبي آثار حساس آهن انهن تي عام ماڻهن جي رش دوران مٿان چڙهڻ سان لتاڙ سبب نقصان پهچي ٿو،ان ڪري هنن سائيٽ بند ڪري ماڻهن کي ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ لاء پارڪن ۾ اچڻ ۽ تقريبون ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. هن چيو ته موهن جو دڙو سڄي انسان ذات جي تهذيب آهي،ان ڪري هن جي هڪ سِر ڀرڻ سان قومي نقصان ٿئي ٿو.

هن چيو ته يونيسڪو طرفان جيڪر اهو قانون اچي ته موهن جي دڙي جي تهذيبي آثارن تي گهمڻ لاء خاص قسم جا نرم قسم جا جوتا پائي گهمڻ وڃڻ گهرجي.هن چيو ته اسان جي جوتن سان به آثارن کي نقصان پهچي ٿو. سيڪريٽري چيو ته دنيا جي ڪيترن هنڌن تي ميوزيمس ۾ فوٽون ڪڍڻ جي اجازت ناهي ڇاڪاڻ ته نوادرات کي ڪيمرا جي فليش مان به نقصان پهچي ٿو.

سيڪريٽري چيو ته عيدن تي به غير معمولي رش دوران آثارن کي بچائڻ لاء سيڪورٽي رکي ويندي ۽ عام  ماڻهن کي پارڪن ۾ تفريح ڪرڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته موهن جي دڙي تي اڃان ڪم  گهڻو آھي، جيتوڻيڪ فنڊن جي کوٽ آهي پر ماڳ کي بچائڻ جو ڪم به جاري آهي.سيڪريٽري ثقافت  جي دوري ڪرڻ وقت صرف ميڊيا جي ٽيم  ساڻس گڏ هئي.