ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي گيتن تي رقص

news

ٽنڊو محمد خان: آچر پهرين ڊسمبر 2019ع: ٽنڊو محمد خان ۾ ثقافت جي ڏينھن تي مختلف سياسي سماجي ادبي  تنظيمن شهرين  نوجوانن ٻارڙن پاران  سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي قومي گيتن تي رقص . ريليون تقريبون منعقد جهمريون سمورو شهر ثقافتي رنگن سان جهرڪي پيو.

خبر موجب ٽنڊومحمدخان ۾ سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي ٽنڊومحمدخان شهر ۾ مختلف سياسي سماجي ادبي ۽  هزارين شهرين پاران وڏيون ريليون ڪڍيون ويون جنهن ۾ ايس ٽي پي. پيپلز پارٽي . شهري اتحاد سنڌي ادبي سنگت . جسقم . جئي سنڌ تحريڪ جئي سنڌ محاذ . سنڌ نيشنل پارٽي ، زئور يو ٿ ڪميٽي. ٺاڪور ويلفيئر ايسوسيشن . سومرا اتحاد . مين پرائمري اسڪول ۽ پراڊائز  هاءٌ اسڪول  جي شاگردن . پرائمري اسڪول عرس سمون جي شاگردن . سنڌ يونائيٽڊ پارٽي .  هندو برادري . سميت هزارين شهرين نوجوانن سنڌي اجرڪون . ٽوپيون . ۽ سنڌي پٽڪا موٽرسائيڪلن . گهوڙن تي سوار تي اسٽيش روڊ کان  عظيم الشان ريليون  ڪڍي پريس ڪلب آڏو قومي گيتن تي رقص ڪندي جمهريون پاتيون ۽  سنڌي ثقافت زنده آباد جا نعرا هنيا.

انهي موقعي تي اڳواڻڻ معشوق علي ڀٽي . سلال شاهه جمن ڪيهر . ڊاڪٽر احمد نوناري . اقبال حاجاڻو . رضوان زئور  آزاد زئور . ذاڪر سومرو . احسان زئور. دودو هاليپوٽو .  ظهور هاليپوٽو . نور حسن کوکر  مشڪور ڦلڪارو . اعظم ڀٽي  آصف چانڊيو . مانو سنڌي . رائيسنگ ٺاڪور ايڊوڪيٽ  عبدالحڪيم ميمڻ  .نثار ناز . صالح ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي عيد واري سماءٌ جو سمورو سنڌي ميڊيا  ڏانهن وڃي ٿو جن  10 سال کان سنڌ جي ثقافت کي عيد وارو ڏهاڙو ڪري سمورن سنڌي ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۾ پنهنجا ڪردار ادا ڪيا آهن  جيڪو ڏهاڙو اڄ سنڌ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ هر سنڌي ماڻهون هر سال عيد جئين ڪري ملهائيندو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي هڪ سنڌ آهي ۽ ان ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي هڪ ثقافت آهي جنهن ڪري اسان هن  ڪري   سڄي سنڌ جا ماڻهون پنهنجي ثقافت سان پيار ڪندي هڪ هنڌ گڏ ٿيا آهن هنن چيو ته ثقافت قومن جي جياپي جو بنياد آهي ، جيڪي قومون پنهنجي ثقافت سان محبت ڪن ٿيون ، ان کي ڪير به ميساري نٿو سگهي ، هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت ڏهاڙو سنڌين جي قومي عيد جو ڏينهن آهي

هوڏانهن ايس ٽي پي . پاران  سنڌ جي ثقافت واري موقعي تي هڪ تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ محفل موسيقي ۾ سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪارا سريا سومرو . جانب بلاولي ۽ ٻين فنڪارن قومي گيت گائي تقريب ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو انهي موقعي تي سڄي شهر کي سيگاريو ويو ۽ شهر جي مخلف اسڪولن ۾ موڪل واري ڏينهن به ٻارڙن پاران خوشي ۾ اچي ٽيبلا پيش ڪيا.