سيوهڻ ۾ ويهه سالا نوجوان ست مهينن کان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

news

سيوهڻ: سومر 02 ڊسمبر 2019ع: سيوهڻ جي مڪراني محلي جو رهواسي 20،ورھين جو نوجوان 7،مهينن کان پراسرار نموني گم، وارثن کي اغوا جو شڪ، اين سي داخل، اعلي اختيارين کان نوجوان ڳولي ڏيڻ جو مطالبو،

خبرموجب سيوهڻ جي مڪراني محلي جو رهواسي 20,ورھين جو نوجوان سجاد پٽ غلام اڪبر سولنگي گذريل 7،مهينن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي جنهن سبب سندس والد سيوهڻ پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو ٻڌايو تہ منهنجو پٽ شھر ۾ گڏھ گاڏو هلائي پيٽ گذر ڪندو هو.

جيڪو گذريل 7, مهينن کان لاپتا آهي جنهن کي مٽن مائٽن وٽ ڳولي ٿڪجي پيا آهيون پر سندس ڪو بہ پتو پئجي نہ سگهيو آهي هن چيو تہ پيرسن آھيان غربت سبب ڪنھن شھر ڏانھن وڃي نٿو سگھان ۽ اسان کي شڪ آهي تہ منهنجو پٽ ڪٿي اغوا  نہ ٿي ويو هجي.

اسانجي ڪنهن سان دشمني ناهي پٽ جي گم ٿيڻ جي سيوهڻ ٿاڻي تي اين سي به  داخل ڪرائي آهي هن اعلي اختيارين ۽ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪيو تہ منهنجو نوجوان پٽ ڳولي ڏيڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي وڃي.