سڪرنڊ ۾ سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ شهباز شاخ تي لڳل ڌرڻي بابت پريس ڪانفرنس

news

سڪرنڊ: سومر 02 ڊسمبر 2019ع: سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ  شهباز شاخ تي لڳل ڌرڻي جي اڄ ستين ڏينهن هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافينن کي ٻڌايو ته تعلقي سڪرنڊ جي 5 هزار ايڪڙن جي سوين آبادگارن جيڪو پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ جمهوري حق استعمال ڪندي ڌرڻو هنيو هو اڄ ان کي هڪ هفتو پورو ٿي ويو.

پر سرڪار جي ڏڍ تي هتي جي انتظاميه ناجائز هوڏ تي قائم آهي جنھن ۾ روينيو ، مڪاني ادارا ، پبلڪ هيلٿ ۽ آبپاشي کاتو شامل آهي ان ڪري اسان پنهنجي حقن خاطر سڀاڻي (اڄ) 3 ڊسمبر تي منجهند جو هڪ وڳي قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين ۽ ٿيسين نه اٿنداسين جيسين مطالبا نه مڃيا ويندا.

هن چيو ته دنيا سمجهي ٿي ته جائز مطالبا آهن جن ۾ شهر جو گندو پاڻي شهباز شاخ ۾ نيڪال نه ڪيو وڃي ، شاخ جي ٻنهي پاسن کان ناجائز قبضه ختم ڪيا وڃن ۽ غير قانوني پليون جيڪي پڇڙيءَ جي آبادگارن لاءِ پاڻيءَ جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بنيل آهن اهي ڊاٺيون وڃن پر انتظاميه ڪن ٽار ڪري رهي آهي.

سيد زين اهو به چيو ته ڌرڻو پر امن هوندو جيڪڏھن انتظاميه ڪابه هٿ چراند ڪئي ته حالتن جي ذميوار ضلعي ، تعلقي جي انتظاميه ۽ سنڌ سرڪار هوندي هن اهو وڌيڪ چيو ته ڌرڻو آبادگارن پاران آهي جنهن ۾ متاثر آبادگار الڳ الڳ سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل آهن جن کي ڪجھ ناڪام ماڻھو سياست جو رنگ ڏئي آبادگارن جي راهن ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا آهن.

ان موقعي تي وڏيرو حاڪم علي ڪيريو ، رئيس غلام نبي چوهاڻ ، راجا ارشاد ڪيريو ۽ ڪيترائي زميندار ۽ آبادگار موجود هئا ٻئي پاسي آبادگارن جون ٽيمون ۽ خود سيد زين شاھ قومي شاھراھ واري ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءَ مختلف ڳوٺن ۾ آبادگارن ۽ معتبر شخصيتن کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ لاءِ الڳ الڳ ڪاميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن.