جيڪب آباد ۾ ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان مچ ڪچهري جي تقريب منعقد ڪئي وئي

news

جيڪب آباد: سومر 02 ڊسمبر 2019ع: سنڌي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان سٽي فورم جيڪب آباد جي طرفان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جيڪب آباد ۾ مچ ڪچهري جي تقريب جو اھتمام ڪيو ويو سياسي، سماجي،مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين، اديبن، شاعرن، شاگردن جي شرڪت. سنڌي ثقافت امن، انسانيت، سويلائيزيشن ۽ اسلامي تھذيب جو آئينو آهي.

تفصيل موجب سٽي فورم جيڪب آباد طرفان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ سنڌي ثقافت جي ڏينهن حوالي سان تقريب سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين، اديبن، شاعرن ،شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مچ ڪچهري ۾ سنڌ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شرڪاء کي ٽوپي اجرڪ پھريل ھئا  سنڌي کاڌن ساڳ، چانورن جي ماني، سنڌي برياني سان آيلن جي مھمان نوازي ڪئي وئي.

انهيءَ موقعي تي جي يو آئي جي ڊاڪٽر اي جي انصاري، پ پ ش.ڀ جي نديم قريشي، ايم ڊبليو ايم جي علامه مقصود ڊومڪي، سٽي فورم جي حماداللہ انصاري، شلو ڪمار،عبد الحئي سومرو، جان اوڍاڻو،نديم بھرا ڻي، شاھ محمد لاشاري، ميان احمد بليدي،گل بليدي، خادم اوڍاڻو، پروفيسر الطاف پيچوهو دلمراد لاشاري منصب شیخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت 5 ھزار سال پراڻي آهي.

سنڌي ثقافت امن ڀائيچاري، رواداري جو درس ڏي ٿي.ھنن چيو ته جيڪي قومون پنھنجي تھذيب، ثقافت کي وساري ڇڏين ٿيون اھي قومون تاريخ مان مٽجي وينديون آهن. سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب دنيا جي چار وڏي تھذيبن مان ھڪ آھي. سنڌي سان گڏ اسان کي اردو، پنجابي، بلوچي، سرائيڪي، پشتو، زبانن سان به پيار آهي. سنڌ جي سرزمين مفڪرن، اديبن،صوفين جي ڪري دنيا ۾ الڳ حيثيت رکي ٿي.

ھنن چيو ته اسان کي امن، ميرٽ، ترقي ۽ احتساب کپي جيئن دنيا ڏسي ته سنڌي باشعور قوم آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته تھذيب، زبان، ثقافت نفرت جو درس ناهي ڏيندي اسان کي سڀني قومن جي ثقافت جو احترام ڪرڻو پوندو جنهن سان ملڪ ترقي ڪري ڪندو.

ھنن چيو ته سنڌ کي قبيلائي جھيڙن، ڪاروڪاري جھڙي ناسور کي پاڻ کان ختم ڪرڻو پوندو. سنڌ جي قدرتي وسيلن کي سنڌ تي خرچ ڪيو وڃي. سنڌ جي خوشحالي جي  لاءِ پنهنجي ادارن جي مالڪي ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.تقریب ۾ ھدايت الله لاشاري،طيب سومرو اشوڪ کيٽپال امين کوسو بشارت ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.