نوجوان اسپنر اميدن موجب بالنگ نه ڪري سگهيا: وقار يونس

news

لاهور: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) پاڪستان  ٽيم جا بالنگ ڪوچ وقار يونس جو چوڻ آهي ته هڪ يا ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪنهن جي باري ۾ راءِ ڏيڻ  صحيح فيصلو ناهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته نوجوان  اسپنر اميدن موجب بالنگ نه ڪري سگهيا سڀ بالر ننڍي عمر جا آهن. آسٽريليا جي ڪنڊيشن ۾ لائن ولينتهه ۽ ڪنٽرول برقرار رکڻ آسان ناهي هوندو. اهو نه سوچڻ گهرجي ته  اسپنر بالرن ۾ صلاحيتون ناهن.

هن چيو ته اسپنرن وٽ اسپن جو هٿيار آهي. ايڪشن به سٺو آهي. ايندڙ وقت ۾ به بالر ملڪ جي لاءِ سٺي پرفارمنس ڪندا. هن چيو ته شاهين آفريدي کي کيڏڻ جو موقعو مليو ۽ هاڻ هو بهتر بالنگ ڪري رهيو آهي.

ٻين نوجوان بالرن کي ڇهن مهينن کان هڪ سال جو وقت ڏيڻو پوندو. عمران خان سينئر به ٽيلنٽ جي باوجود بدقسمتي سان پرفارم ناهي ڪري سگهيو.