وهاب رياض ۽ محمد عامر جي نه هجڻ سبب آسٽريليا جا رانديگر دٻاءُ ۾ نه اچي سگهيا: مصباح الحق

news

لاهور: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) هيڊ ڪوچ مصباح الحق هڪ انٽرويو دوران چيو آهي ته آسٽريليا جي ڪنڊيشنز هميشه جيان مشڪل هيون.

وهاب رياض ۽ محمد عامر جي نه هجڻ سبب نوجوان بالرن تي ڀاڙڻ مجبوري هو. اسان جا بالر آسٽريليا جي بيٽنگ لائين کي دٻاءُ ۾ نه آڻي سگهيا.

مصباح الحق چيو ته اظهر علي، ياسر شاهه ۽ محمد عباس جي پرفارمس ڳڻتي جوڳي آهي ۽ سريلنڪا جي خلاف هم سيريز اسان لاءِ آسان نه هوندي.

واضح رهي ته گذريل ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي اننگز ۽ 48 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو هو.