جرمني جي ماهرن گوڏن ۾ دٻاءُ ۽ سخت تڪليف ماپ ڪندڙ اليڪٽرونڪ پٽي تيار ڪري ورتي

news

جرمني: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) گوڏن جو مرض عام طور تي تمام گهڻي تڪليف ڏيندو آهي هاڻ گوڏن ۾ دٻاءُ ۽ تڪليف ناپ ڪندڙ هڪ اليڪٽرونڪ پٽي تيار ڪئي وئي آهي جيڪا ڪلاڪن ۾ مسلسل دٻاءُ يعني اسٽريس(اسٽريشن) کي نوٽ ڪندي رهندي آهي.

جرمني جي ڪارل سراهي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۽ يونيورسٽي آف بريمن گڏيل طور تي اها بينڊيج(پٽي) تيار ڪئي آهي ۽ ان کي(اينٿروڪائناميٽ) جو نالو ڏنو ويو آهي. هي حقيقي وقت ۾ گوڏن جي اندر ٺهندڙ دٻاءُ کي نوٽ ڪندي رهندي آهي ۽ ڪنهن به مشڪل صورتحال کان خبردار ڪندي رهندي آهي. جوڙن جي تڪليف، گوڏن جي تڪليف، هميشه انسان کي رهندي آهي. جنهن کان بچاءُ لاءِ هو مختلف دوائون ۽ ورزش ڪرڻ کان پوءِ کيس فائدو پهچندو آهي پر اها تڪليف وقت سان گڏوگڏ وڌندي رهندي آهي.

ان ايجاد ۾ ڪيتري ئي قسم جا سينسر لڳل آهن جيڪي هر طرح جي تڪليف جي حرڪت نوٽ ڪندا آهن. اها ڊيٽا فوري طور تي هڪ مائيڪرو پروسيسر ۾ ويندي آهي جنهن سان خبر پئجي سگهندي آهي ته گوڏي ۾ دٻاءُ جي ڪيتري شدت آهي ۽ ڪهڙي طرح سان اها صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿي. ڪنهن به قسم جي خرابي ۽ غلط انداز سان گوڏي کي حرڪت ڏيڻ جي صورت ۾ سينسر اسمارٽ فون کي ايپ جي ذريعي فوري طور تي خبردار ڪندا آهن.

اهڙي طرح حفاظتي قدم ۽ دوائون وغيره به آگاهه ڪنديون آهن. اها سافٽ ويئر مشين لرننگ  مان سکندي آهي ۽ مرض جي اڳڪٿي بهتر کان بهتر ڪري سگهي ٿي.