معذور ماڻهن جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

news

ڪراچي: (اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع) صحت ۽ تندرستي الله تعاليٰ جي وڏين نعمتن ۾ شامل آهي زندگي جي مشڪل جو ان کان پڇو جيڪو جسماني معذوري جو شڪار هجن.

معذور ماڻهن سان گڏ اظهار يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ معذورن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن کي ملهائڻ جي شروعات 1952  ۾ گڏيل قومن ۾ معذور ماڻهن جي داد رسي لاءِ قرارداد پاس ڪري ڪيو ويو ان ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو مقصد معذور ماڻهن سان گڏ اظهار يڪجهتي ۽ کين ڪنهن به طرح سان احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان جي زندگي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ آهي.

گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب هن وقت دنيا ۾ 650 ملين ماڻهو معذور آهن. يعني دنيا جي آبادي جو 10 سيڪڙو ان ماڻهن جو آهي جنهن کي ترقي يافته ملڪن ۾ بوجهه سمجهيو ويندو آهي انهن کي اهڙي پراڻي گاڏي سان ڀيٽيو ويندو آهي جيڪا ڪڏهن به صحيح نٿي ٿي سگهي. الميو اهو آهي ته ان ملڪن ۾ اسي سيڪڙو معذور ماڻهو هوندا آهن جيڪي ترقي يافته ملڪن ۾ صرف 20 سيڪڙو اپاهج آهن. جن کي سڄي دنيا جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن ۽ ان جي علاج جو وزن حڪومتن تي هوندو آهي جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ ان جي ابتڙ آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ اسي کان نوي سيڪڙو خاص ماڻهن کي زندگي ۾ اڳيان وڌڻ جا موقعا ناهن ملندا ۽ هو صلاحيتون هجڻ جي باوجود بيڪار آهن جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ انهن جو تناسب پنجاهه کان ستر سيڪڙو آهي.

ترقي يافته ملڪن ۾ خاص ماڻهن جي تعليم ۽ بنيادي حقن تي به ڪابه خاص توجهه ناهي ڏني ويندي ۽ نوي سيڪڙو خاص ٻارن کي اسڪول نه موڪليو ويندو آهي. هن وقت دنيا ۾ تقريبن ويهه ملين تازا ڄاول ٻار مائن جي ڪمزوري ۽ ٻين سببن جي ڪري معذور پيد اٿيندا آهن پر انسان جي پنهنجي هٿان انسانيت دشمن پاليسين ۽ ڪاررواين سان به ڪيترائي ماڻهو معذور ٿي ويا آهن.  خاص ماڻهن دنيا جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ پنهنجي صلاحيتن سان اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن انهن سان سٺو تعاون ڪيو وڃي ته هي عام ماڻهو جيان پنهنجي زندگي گذاري سگهن ٿا. اڄوڪو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد به اهوئي آهي ته اسان رنگ، نسل ۽ ذات کان هٽي ڪري اهو عهد ڪريون ته اسان خاص ماڻهن جي بحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.