لاڙڪاڻي ۾ بيروزگاري سبب پنجاهه سالا شخص زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

news

لاڙڪاڻو : اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع: لاڙڪاڻي جي دڙي جي حد بلاول ڪالوني ۾ 50 ورهين جو الله بخش پٽ عبدالقادر سومرو خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو، پولیس کي اطلاع لاش چانڊڪا اسپتال منتقل.

ان موقعي تي فوتي جي وارث اختيار سومرو ٻڌايو ته 4 ٻارڙن جو پي الله بخش سومرو معذور هئڻ سان گڏ بي روزگار هو جنهن ڪري اڄ صبح ٻارڙا گهر جي ڀرسان ناناڻي گهمڻ لاءِ ويا ته گهر ۾ لڳل وڻ ۾ رسي ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته فوتي کي 4 ٻار آهن 2 نياڻيون ۽ 2 پٽ هڪ پٽ 17 سالن جو فرمان نجي ميڊيڪل سينٽر تي ملازم آهي.

جڏهن ته حد جي دڙي ٿاڻي جي پوليس لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.