سينيٽر فيصل جاويد جي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي سخت تنقيد

news

اسلام آباد: (اربع 04 ڊسمبر 2019ع) اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار نعيم الحق کان پوءِ تحريڪ انصاف  جو اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد به قومي ٽيم جي آسٽريليا جي خلاف خراب ڪارڪردگي تي ڪاوڙجي پيو.

سينيٽر فيصل جاويد نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته سمورا ادارا تباهه هئا ۽ عمران خان وڏي محاذ تي وڙهي رهيو هو. مصروفيتن سبب وزيراعظم ڪرڪيٽ تي ڌيان نه ڏئي سگهيو هو. فيصل جاويد چيو ته عمران خان هينئر تائين سڌو سنئون ڪرڪيٽ تي ڌيان ناهي ڏنو.

عمران خان هاڻ ڪرڪيٽ کي بهتر ڪري ڏيکاريندو. هن چيو ته هينئر تائين ڪرڪيٽ کي جڳاڙ سان هلايو پئي ويو. وزيراعظم هاڻ ڪرڪيٽ کي ڊگهي مدت واري پاليسي تحت بهتر ڪندو. ڪرڪيٽ جو نئون ڊوميسٽڪ ڍانچو بهتر نتيجا ڏيندو. قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اظهر علي ناڪام ڪپتان هو. ٽيسٽ ۾ ان جي ڪارڪردگي ٻُڙي رهي. اظهر علي کي واپس آڻڻ جو فيصلو صحيح نه هو.

آسٽريليا جي هٿان قومي ٽيم جي شڪست تي ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته آسٽريليا ۾ هميشه هارائيندا آهيون پر هن ڀيري ته تمام خراب شڪست ملي آهي. ياد رهي ته قومي ٽيم کي آسٽريليا ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻنهي ميچن ۾ اننگز جي شڪست ملي هئي جنهن تي اڳوڻي ڪرڪيٽرن انتخاب عالم، عبدالرزاق، رميز راجه ۽ معين خان به سخت تنقيد ڪئي هئي.