پاڪستان سريلنڪا خلاف سيريز ۾ ساڳين رانديگرن کي کيڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

لاهور: (اربع 04 ڊسمبر 2019ع) آسٽريليا ۾ شڪست ملڻ کان پوءِ ٽيم مينجمينٽ ڪوبه سبق نه سکيو جنهن کان پوءِ سريلنڪا سان سيريز ۾ به ساڳيا رانديگر کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق آسٽريليا جي خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ خراب ڪارڪردگي تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل انٽرويو ۾ هن چيو ته ياسر شاهه، محمد عباس ۽ اظهر علي جي پرفارمنس ڳڻتي جوڳي آهي. وهاب رياض ۽ محمد عامر جي غيرموجودگي سبب اسان کي نوجوان بالرن تي ڀاڙڻو پيو. ڪينگرو بيٽنگ لائن تي اسان ڪوبه دٻاءُ نه وجهي سگهياسين.

ياسر شاهه اسان جو هيرو رهيو آهي پر ڪنڊيشنز اسپنرز جي لاءِ سازگار نه هئي. ناٿن ليون کي به ايڊيليڊ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن وڪيٽون مليون. ان کان اڳ هن صرف 2 وڪيٽون ورتيون هيون. اميد آهي ته ليگ اسپنر سريلنڪا جي خلاف سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا.