پشاور مان افغان دهشتگرد عورت گرفتار، بارودي مواد هٿ

news

پشاور: (اربع 04 ڊسمبر 2019ع) پوليس شهر ۾ اهم ڪارروائي دوران افغان عورت دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته عورت جي قبضي مان بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

پشاور پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪندي  دهشتگردي جي وڏي منصوبي کي ناڪام بنائي ڇڏيو آهي. هڪ ڪارروائي جي دوران پوليس افغان عورت دهشتگرد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بارودي مواد به هٿ ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب عورت دهشتگرد بارودي مواد لاهور کڻي وڃي رهي هئي ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي جي دوران گرفتاري عمل ۾ آئي. بي ڊي يو اهلڪارن بم کي ناڪاره بنائي ڇڏيو آهي جڏهن ته گرفتار عورت جي نشاندهي تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وئي آهي

جنهن جي نتيجي ۾ ٽائون جي علائقي مان ڪجهه ايسوسي ايٽس کي به گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس موجب گرفتار ڪيل ماڻهن جو تعلق افغانستان سان آهي، جوابدارن کان مختلف طريقن سان جاچ جاري آهي.