پاڪستاني اداڪاره صبا قمر جي نئين فلم(ڪملي) ايندڙ سال نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي

news

اسلام آباد: (اربع 04 ڊسمبر 2019ع) پاڪستاني اداڪاره صبا قمر جي فلم(ڪملي) ايندڙ سال نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي.

ميڊيا رپورٽ موجب سرمد کهوسٽ جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم(ڪملي) جي عڪسبندي شروع ڪئي وئي آهي جنهن جا ڪجهه پوسٽر به سوشل ميڊيا تي جاري ڪيا ويا آهن.

فلم ۾ اداڪاره صبا قمر کان علاوه ثانيه سعيد، عمير رانا، نمره ۽ حمزه خواجه به پنهنجي فنڪارانه صلاحيتن جو اظهار ڪندا. واضح رهي ته صبا قمر پنهنجي هلندڙ ڊرامي باغي ۽ چيخ ۾ بهترين  پرفارمنس کان پوءِ اسٽائلش اداڪاره جي طور تي سامهون آئي آهي.

صبا قمر ان کان اڳ سرمد کهوسٽ سان گڏ فلم منٽو ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي جنهن ۾ هن ملڪه ترنم نور جهان جو ڪردار ادا ڪيو هو.