ڇا نوجوانن جي لاءِ به ڪوليسٽرول ٽيسٽ ضروري آهي.؟

news

لاهور: (اربع 04 ڊسمبر 2019ع) عام طور تي اسان اهوئي ٻڌو آهي ته 40 سالن جي عمر ڪراس کان پوءِ انسان جي رت ۾  ڪوليسٽرول جي مقدار وڌي ويندي آهي ۽ ان تي قابو ڪرڻ لاءِ انهن کي ڪوليسٽرول جي ٽيسٽ ڪرائڻ تمام ضروري آهي.

ماهرن جي تازي مطالعي سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته نوجوان يعني 20 سالن جي عمر کان وٺي 30 سالن جي نوجوانن کي به ڪوليسٽرول جو ٽيسٽ لازمي ڪرائڻ گهرجي. ڪوئنز يونيورسٽي ۽ جرمني جي سائنسدانن تازو ئي هڪ تحقيق ڪئي آهي جنهن کان پوءِ انهن جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي به ڪوليسٽرول جو ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي.

ماهرن ٻڌايو ته تحقيق سان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته نوجواني ۾ ڪوليسٽرول جي ٽيسٽ ڪرائڻ سان بهترين نتيجا سامهون ايندا آهن جيڪڏهن نوجوان 20 سالن کان پوءِ ئي ڪوليسٽرول جو ٽيسٽ ۽ ان جي مقدار جو معائنو ڪرائيندا آهن ته ان ۾ دل جي تڪليف جا خطرا تمام گهٽ ٿي ويندا آهن.

ماهرن ٻڌايو ته 20 کان 30 سالن جي عمر جي ماڻهن پنهنجي رت ۾ ڪوليسٽرول جي مقدار جو ٽيسٽ ڪرائيندا رهندا ته هو دل جي مرض وارن خطرن کان محفوظ رهندا.