ڪروڙين سال اڳ اڏامندڙ ڊائنوسار جي باقيات هٿ

news

بيروت: (اربع 04 ڊسمبر 2019ع) ماهرن 9 ڪروڙ 50 لک سال اڳ زمين تي موجود اڏامندڙ ڊائنوسار جي باقيات هٿ ڪري ورتي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب ڊائنوسار جي سامهون ايندڙ نئين قسم جي باقيات لبنان جي جابلو علائقي ۾ هڪ جهيل جي ويجهو ملي آهي. پکي جي نسل جي ان ڊائنوسار کي ميموڊڪ ٽيلس جي نالي سان سڏيو ويندو هو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊائنوسار جي باقيات تي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي. جنهن کان پوءِ ان باري ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪري سگهجن ٿا.

ماهرن اڏامندڙ ڊائنوسار جي باقيات مان ٺاهيل ٿري ڊي تصوير به جاري ڪئي آهي.