سڪرنڊ ۾ راندين جو هفتو مڪمل ٿيڻ بعد تقريبون منعقد ڪيون ويون

news

سڪرنڊ: اربع 04 ڊسمبر 2019ع: راندين جي هفتي مڪمل ٿيڻ بعد گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ون ۽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ۾ انعام ورهائڻ واريون شاندار تقريبون ٿي گذريون.

جنهن ۾ پهرين ، ٻين ۽ ٽين پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا تقريبن جا مهمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي ، سڪرنڊ پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري قاضي جاويد سنائي ۽ سي ڊي ايف جو چيئرمين عبدالحميد آرائين جن هئا انهن مهمانن ئي انعام ورهايا.

ان موقعي ميڊم نجمه اقبال کوسو ۽ استاد نبي بخش چانڊيو پنهنجي الڳ الڳ خطاب ۾ چيو ته ٻارن ۾ صحتمند سرگرمين جي حوالي سان غير نصابي پروگرام ترتيب ڏيڻ سندن ذهني نش و نما ۾ مدد ملي ٿي هنن چيو ته تعلقي سڪرنڊ جي ٻن ڊزن کان وڌيڪ سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسڪولن راندين ۾حصو وٺي پنهنجي سجاڳيءَ جو ثبوت ڏنو آهي.

جڏھن ته راندين ۾ نياڻين جو ڀرپور ڪردار رهيو جيڪا نواڻ محسوس ٿي ۽ ان مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نتيجن ۾ استادن جي محنت شامل آهي.

ان موقعي گورنيمنٽ ايليمينٽري گرلس اسڪول حاجي ڪيريو جي ميڊم زرينه ڪيريو پاران آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.