داد لغاري ويجھو ڇاندڻ شريف ۾ ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان ريلي ڪڍي وئي

news

دادلغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) اربع 04 ڊسمبر 2019ع: دادلغاري جي ڳوٺ ڇاندڻ شريف جي اسڪول حرا پبلڪ اسڪول طرفان ثقافت ڏينهن جي مناسبت سان شاندار ريلي ڪڍي وئي،

ريلي اسڪول کان مين چوڪ تائين ڪڍي وئي ريلي ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽوپي اجرڪ اوڍي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

جڏهن ته استادن ۽ شاگردن قومي ڳيتن تي جهمريون پائي سنڌ ۽ ثقافت سان محبت جو اظھار ڪيو، آخر ۾ اسڪول جي چيئرمين جاويد حسين سومرو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ ڌرتي جي سڳنڌ ئي اهڙي آهي جنهن کي وسارڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن دنيا جي ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي.

سنڌي ثقافت کي پنهنجي مرتبو حاصل آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن ريلي جو مقصد اهو بي آهي ته نياڻين جي تعليم کي عام ڪرڻ بي آهي نياڻين جي تعليم ئي معاشرو کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.