راڄوخاناڻي ۾ شھرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران دعا منگي جي مبينا اغوا خلاف ريلي

news

راڄوخاناڻي(رپورٽ: جنيد مير ) اربع 04 ڊسمبر 2019ع: دعا منگي جي مبينه اغوا خلاف راڄوخاناڻي ۾  شھرين سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڊي ويئي ريلي  شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب راڄوخاناڻي پھتي.

جتي ريلي ۾ شامل سنڌي ادبي سنگت ايس ٽي پي ستاف پ پ پ سياسي سماجي اتحاد راڄوخاناڻي سميت شھري شريڪ ھئا اڳواڻن مير عاشق ٽالپر خاڪي جاني امداد باغي محمد حسن جعفري جنيد مير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ جي نياڻي دعا منگي جي کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا نه ڏني ويئي ته  سنڌ جي ھر  شھر واھڻ ۽  وستي وستي کي بلاڪ ڪيو ويندو.

ھنن چيو ته  سنڌ جي نياڻين سان ظلم آخر ڪيس تائين ھلندو ھاڻي اسان چپ نه وھنداسين سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ ھر ظلم تي آواز اٿاريندا رھنداسين , ھنن  قومي اسمبلي ۾ ويٺل سنڌ جي نمائندين کي به دعا منگي جي آزادي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

ان سان گڏ ھنن  چيف جسٽس آف پاڪستان وزير اعظم پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کان واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي ۽ سنڌ جي معصوم نياڻي دعا منگي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو.