ڄامشورو ۾ پيرسن جو مامي جي پٽ کان زمين تان قبضو ڇڏرائي ڏيڻ لاءِ احتجاج

news

ڄامشورو: اربع 04 ڊسمبر 2019ع:  ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ ڪاٻارو جو پيرسن رھواسي محمد نواز راڄڙ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان سخت احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته ڳوٺ ۾ اسان جي اباڻي ساڍا نوَ جريب زمين آھي ڪجهه  وقت اڳ اسان جي وڏي ڀاء شاھنواز راڄڙ  نالي ملان فرزند کي اها زمين مقادي تي ڏني ھئي.

جيڪا پوري ٿيڻ بعد اسان جي مامي جو پٽ زبردستي قبضو ڪري ويٺل آھي ھن چيو ته  مان مسڪين غريب آھيان ۽ هو بااثر آھي ھن ايس ايس پي شڪارپور ـ ڊي سي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته مون مسڪين سان انصاف ڪري زمين تان قبضو خالي ڪرائي ڏني وڃي.