ڄامشورو ۾ سبزي، گوشت ۽ فروٽ جي مارڪيٽ نه هجڻ خلاف پورهيتن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج، بک هڙتال

news

ڄامشورو: اربع 04 ڊسمبر 2019ع:   سبزي۔گوشت۔فروٽ مارڪيٽ ڏيو۔ ڄامشورو شھر ۾ سبزي گوشت مڇي فروٽ مارڪيٽ نه ھجڻ خلاف ٻئي ڏينھن به  شھر ۾ واپارين طرفان جوڙيل مارڪيٽ جدوجھد ڪاميٽي جي سڏ تي ڪيترن ئي پورھيتن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي 2 ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال ڪئي۔بک هڙتال ۾ سياسي سماجي اڳواڻن به پهچي پورهيتن جي احتجاج جي حمايت ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پورھين فتاح چانڊيو۔نظير ڀنڊ ـ وحيد ٿھيم ـ قربان چانڊيوـ وقارلاشاري ـ سماجي اڳواڻ پيرل کوکر جسقم اڳواڻ سومر جمالي ۽ ٻين چيو ته سڄي شھر ۾ مڇي سبزي فروٽ گوشت مارڪيٽ ڪونھي ريڙهن وارا روڊن تي بيھڻ تي مجبور بڻيل آهن جتي پوليس ۽ ٽائون انتظاميه بيهڻ نه ٿي ۽وقتن به وقتن پوليس تشدد جو نشانو بڻائي ريڙها اوندا ڪري سامان اڇلائي نقصان ڪيو وڃي ٿو.

جنھن سبب پورهيت واپاري سخت پريشان آھن ھنن ڊي سي ڄامشورو ۽ وس وارن  کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور مارڪيٽ ڏني وڃي نه ته احتجاج جاري رھندو.