ڳڙهي خدا بخش ڀرسان ڇتن ڪتن نينگر کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، هلڻ ڦرڻ کان لاچار

news

نئون ديرو: اربع 04 ڊسمبر 2019ع: ڳڙھي خدا بخش ڀرسان ڳوٺ ڪٻڙو ۾ چئن ڪتن جو اسڪول کان موٽندڙ معصوم شاگرد تي حملو ٻارڙو ھلڻ ڦرڻ کان لاچار، ڳڙھي بخش ڀٽو ڀرسان چئن ڪتن ڳوٺ ڪٻڙو ۾ اسڪول کان موٽندڙ 8 ورھين جي ٽئين ڪلاس ۾ پڙھندڙ معصوم ٻارڙي مزمل پٽ اقبال جوڻيجو مٿان حملو ڪري کيس شديد زخمي ڪري ڇڏيو آھي.

نينگر جي رڙين تي سندس سئوٽن پھچي ڪتن کان ٻارڙي کي بچائي ورتو بيھوشي واري حالت ۾ کيس گهر آندو ويو نينگر کي ٽنگ، ٻانھن ۽ پٽي ۾ چڪي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنھن بعد نينگر کي لاڙڪاڻي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نيو ويوجتي ٽنگ ۽ ٻانھن ۾ 17 ٽاڪا لڳا آھن نينگر کٽ تي پيل آھي جتي ھو ھلڻ ڦرڻ کان لاچار آھي.

ٻئي پاسي ڳوٺ ۾ هڪ مھينن اندر 10 کان وڌيڪ ٻارڙن کي ڪتي چڪي زخمي ڪيو آھي پر انتظاميه ڳوٺاڻن جي شڪايت باوجود ڪتا مار مھم نه ھلائي آھي زخمي شاگرد مزمل جوڻيجو جو چوڻ آھي ته اسڪول کان واپس گهر اچي رھيو ھوس ته اسڪول ٻاھران چئن ڪتن حملو ڪيو مان جيئن ئي دانھون ڪيون ته منھنجي سئوٽ آيا جنھن مون کي ڇڏايو،

ٻئي پاسي نينگر جي والد پرائمري استاد اقبال جوڻيجو جو چوڻ آھي ته منھنجي پٽ کي چئن ڪتن حملو ڪري زخمي ڪيو آھي کيس 17 ٽاڪا لڳا آھن ھلي ڦري نه ٿو سگهي ان کان اڳ 10 کان وڌيڪ ٻارڙن کي ڪتن چڪي زخمي ڪيو آھي. يونين ڪائونسل سعدو ديرو جي چيئرمين کي شڪايتون ڪيون آھن پر ھن ڪتا مار مھم نه ھلائي آھي جنھن سبب ٻارڙن ۾ خوف آھي.

ان سلسلي ۾ يونين ڪائوسل سعدو ديرو جي چيئرمين صدر الدين موريو سان رابطو ڪرڻ تي هن چيو آھي ته کيس ڪنھن به ڳوٺاڻي ڪتن جي مارڻ جي شڪايت نه ڪئي توھان ئي فون ڪري ٻڌايو پيا، باقي ماڻھن جي مرضي آھي جنھن جو وڻين پٽڪو لاھن، مون کي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ نه آهي.